حڪومت طرفان پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ خلاف مرڪزي

ڪنڌڪوٽ ( ڊسٽرڪٽ رپورٽر ) حڪومت طرفان پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ خلاف مرڪزي اڳواڻ قادر چانڊيو جي هدايت تي سنڌ جي مختلف شهرين جيان ڪشمور ۾ به ڦيتا روڪ هڙتال ڪئي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن ۽ شھرين شرڪت ڪئي، احتجاجي ريلي نادرا چوڪ کان شروع ٿيو جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي، ان موقعي تي مظاهرين طرفان انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي حڪومتي فيصلن خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي ٻنهي طرفن کان ڪيترائي ڪلاڪ روڊ بند هئڻ سبب گاڏين جو ڪتارون لڳي ويون ان موقعي تي ڌرتي ڌڻي تحريڪ ضلعي صدر فقير قابل ڀيو،تعلقه صدر زاهد خالق سولنگي، ايس يو پي جي تعلقه صدر هدايت جکراڻي، شاھ گل مزاري، سٽي صدر منير شر،احمد علي مزاري ملڪ برڪت ۽ ٻين جو چوڻ هوته حڪومت طرفان پيٽرول جي اگهن ۾ هر آئي ڏينهن واڌ ڪري عوام جي چيل ڀڃي ڇڏي آهي، جڏهن ته ڏهاڙيدار طبقو وڌندڙ مهنگائي سبب خودڪشي ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهي هنن وڌي چيو ته اٽو گيھ، مرگهي سميت رڌ پچا جي شين جا ريٽ پڻ آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن هنن چتاء ڏنو ته حڪومت طرفان پيٽروليم قيمتن جي شين ۾ وڌا وارا ڪيل اعلان واپس ورتا وڃن نه ته ٻئي صورت ۾ سي ايم هائوس آڏو احتجاج ڪيو ويندو