پاڪستان جي ثالثيءَ ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهيون، وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير سوئٽزرلينڊ پهچي ويا

پاڪستان جي ثالثيءَ هيٺ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ اهم ڳالهيون اڄ سوئٽزرلينڊ جي برگن اسٽاڪ اسڪِي ريزورٽ ۾ ٿينديون. وزيراعظم شهباز شريف اعليٰ سطحي وفد سان گڏ سوئٽزرلينڊ پهچي ويو آهي، جڏهن ته ساڻس فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پڻ موجود آهي.

پرڏيهي وزارت موجب اسلام آباد مفاهمتي يادداشت کان پوءِ هي پهرين باضابطه اعليٰ سطحي ملاقات هوندي، جنهن دوران ٿيل معاهدن ۽ مفاهمتن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويندو. پاڪستان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيل مفاهمتن جي حمايت جاري رکندو.

آمريڪي وفد ۾ نائب صدر جي ڊي وينس، وائيٽ هائوس جو نمائندو اسٽيو وِٽڪوف ۽ صدر جو صلاحڪار جيرڊ ڪشنر شامل آهن، جڏهن ته ايراني وفد جي اڳواڻي اسپيڪر محمد باقر قاليباف ڪري رهيو آهي. وفد ۾ پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ ترجمان اسماعيل بقائي پڻ شامل آهن.رپورٽن موجب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ فني سطح جون ڳالهيون پڻ اڄ متوقع آهن. سوئس پرڏيهي وزارت ٻنهي ملڪن جي وفدن ۽ پاڪستان کي ثالث طور ڀليڪار ڪيو آهي.
ايڪسيئوس جي رپورٽ موجب آمريڪا چاهي ٿو ته ڳالهين جي پهرين مرحلي کان پوءِ ايران گڏيل قومن جي معائنو ڪندڙن کي پنهنجي جوهري تنصيبات جو دورو ڪرڻ جي اجازت ڏئي. ان جي بدلي ۾ آمريڪا ايران کي منجمد فنڊن مان ڪجهه رقم تائين رسائي ڏيڻ لاءِ تيار آهي، جنهن جي شروعات قطر ۾ موجود 6 ارب ڊالرن جي فنڊ مان ٿي سگهي ٿي.انهن ڳالهين ۾ ايران، آمريڪا، پاڪستان، قطر ۽ بين الاقوامي ائٽمي توانائي ايجنسي (IAEA) جا اعليٰ سطحي نمائندا شرڪت ڪندا.