عمران خان گهر ۾ ويهي ماڻهن جي ٻارن کي جيل ڀرڻ جو مشورو ڏئي رهيو آهي: مصدق ملڪلاهور: پيٽروليم واري وزير مصدق ملڪ پي ٽي آءِ جي چيئرمين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته عمران خان گهر ۾ ويهي ماڻهن جي ٻارن کي جيل ڀرڻ جو مشورو ڏئي رهيو آهي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصدق ملڪ جو چوڻ هو ته معاشي بحالي هاڻوڪي حڪومت جي ترجيح آهي، ايندڙ وقت ۾ شين جا اگهه گهٽجي ويندا، پاڪستان ڊفالٽ نه ٿيو، اسان 60 لک نوجوانن کي قرض ڏينداسين.هن چيو ته ماني چورائيندڙ کي سزا ڏني ويندي آهي ۽ هيرا موتي چورائيندڙن کان ڪجهه پڇيو به ناهي ويندو، پُٽ کان پگهار نه وٺڻ تي نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو ويو، نون ليگ جي سينئر اڳواڻن کي جيلن جو سختيون ڀوڳڻيون پيون، جڏهن ته گذريل حڪومت اربين رپين جون پر آسائش گاڏيون خريد ڪيون.مصدق ملڪ جو چوڻ هو ته اربين رپين جون واچون چورائيندڙ گهر ۾ ويٺو آهي، عمران خان گهر ۾ ويهي ماڻهن جي ٻارن کي جيل ڀرڻ جو مشورو ڏئي رهيو آهي، هو ماڻهن کي جيل ۾ موڪلڻ چاهي ٿو پر پاڻ گهر ۾ لڪي ويٺل آهي.سندس چوڻ هو ته ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ چاهيون ٿا، غريب ماڻهن تي گهٽ ٻوجهه وجهنداسين، حڪومتي پاليسين جي ڪري ٿوري ئي وقت ۾ شين جا اگهه گهٽجي ويندا، امير ماڻهن تي ٽيڪس لڳندا ۽ غريب ماڻهن لاءِ گيس جا اگهه گهٽ هوندا. گيس جي پيداواري لاڳت 25 رپين مان گهٽائي 7 رپيا ڪئي ويندي.مملڪتي وزير جو چوڻ هو ته اسان پيٽرول ڊالر ڏئي وٺندا آهيون، تيل سستو وڪڻنداسين ته مڪمل تباهه ٿي ويندو، ٽيون حصو تيل روس کان ورتو ويندو، اپريل تائين روس اهڙي خريداري جو آرڊر ڏنو ويندو.