ايران جي صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته ايران آمريڪا جي درخواست تي ايٽمي هٿيار نه رکڻ واري عهدي تي صحيح ڪري ڇڏي آهي. سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته آمريڪا جو بنيادي مطالبو اهو هو ته ايران لکت ۾ واعدو ڪري ته هو ايٽمي هٿيار حاصل نه ڪندو، جنهن تي ايران صحيح ڪري ڇڏي آهي.آچر ڏينهن مرڪزي بينڪ ۾ ٿيل 33هين مانيٽري اينڊ بينڪنگ پاليسي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر پزشڪيان چيو ته آمريڪا جو واحد اهم نڪتو اهو آهي ته ايران وٽ ايٽمي هٿيار نه هجن. هن چيو ته ايران جي قيادت اڳ به ڪيترائي ڀيرا واضح ڪري چڪي آهي ته ملڪ کي ايٽم بم جي ضرورت ناهي.صدر موجب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيل مفاهمتي يادداشت جون گهڻيون شقون ايراني قوم جي فائدي ۾ آهن ۽ جاري ڳالهين جا مثبت نتيجا جلد عوام آڏو ظاهر ٿيندا.هن وڌيڪ چيو ته قطر ۾ منجمد ايراني فنڊ، جن جي ماليت لڳ ڀڳ 6 ارب ڊالر آهي، ايران کي واپس ملي ويندا. سندس چوڻ هو ته انهيءَ سبب اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو انهن ڳالهين کان سڀ کان وڌيڪ ناخوش آهن.