مسلم ليگ (ن) جي پنجاب اسيمبلي ميمبر ارشد ملڪ پنج هزار رپين واري ڪرنسي نوٽ تي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پارٽي سربراهه نواز شريف جي تصوير شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.پنجاب اسيمبلي جي اجلاس دوران ارشد ملڪ پنهنجي سيٽ تان اٿي پنج هزار رپين جو نوٽ ڏيکاريندي چيو ته باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي تصوير سان گڏ نواز شريف جي تصوير پڻ هن نوٽ تي هجڻ گهرجي.هن پنهنجي مطالبي جي حمايت ۾ چيو ته نواز شريف ملڪ جي ترقي ۽ معاشي استحڪام لاءِ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، تنهن ڪري کيس به قومي سطح تي اهڙي نموني ڀيٽا پيش ڪرڻ گهرجي.واضح رهي ته پاڪستان جي قيام کان وٺي مختلف ماليت جي ڪرنسي نوٽن تي باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي تصوير ڇاپي ويندي رهي آهي. البت پاڪستان جي 75هين آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ڪيل خاص يادگاري نوٽ تي قائداعظم سان گڏ تحريڪ پاڪستان جي ٻين اهم اڳواڻن جون تصويرون پڻ شامل ڪيون ويون هيون.ارشد ملڪ جي هن مطالبي تي سياسي ۽ عوامي حلقن ۾ مختلف ردعمل سامهون اچي رهيا آهن، جڏهن ته هن حوالي سان اڃا تائين ڪو به سرڪاري فيصلو يا اعلان سامهون نه آيو آهي.