بلوچستان اسيمبلي ايندڙ مالي سال 2026-27 جي صوبائي بجيٽ کي اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ڇڏيو آهي. بجيٽ جي منظوري لاءِ اسيمبلي ۾ مجموعي طور 1,089 ارب رپين جا 98 مطالبا پيش ڪيا ويا.ايوان غير ترقياتي خرچن لاءِ 797 ارب 80 ڪروڙ 88 لک رپين جي 53 مطالبن جي منظوري ڏني، جڏهن ته ترقياتي منصوبن ۽ خرچن لاءِ 291 ارب رپين جي 45 مطالبن کي منظور ڪيو ويو.صوبائي ناڻي واري وزير میر شعیب نوشیروانی اسيمبلي اجلاس دوران مطالبا پيش ڪيا ۽ بجيٽ جي مختلف مدن بابت ايوان کي آگاهه ڪيو.بجيٽ جي منظوري دوران مخالف ڌر طرفان ڪا به ڪٽوتي واري تحريڪ پيش نه ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ بجيٽ اڪثريتي راءِ سان منظور ڪئي وئي.