اسلام آباد: نيشنل آءِ ٽي بورڊ (اين آءِ بي) وفاقي گادي واري شهر جي رهواسين لاءِ ’’پاڪ ايپ‘‘ متعارف ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن جو مقصد مختلف سرڪاري خدمتن کي هڪ ئي ڊجيٽل پليٽ فارم تي مهيا ڪرڻ آهي.تفصيلن موجب نيشنل آءِ ٽي بورڊ سٽي اسلام آباد ايپ کي جديد انداز سان اپ گريڊ ڪري ’’پاڪ ايپ‘‘ جي نالي سان متعارف ڪرايو آهي. هي ايپ شهرين کي تيز، آسان ۽ مؤثر ڊجيٽل سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ڪئي وئي آهي.پاڪ ايپ ذريعي اسلام آباد جا شهري مختلف سرڪاري ادارن جون خدمتون هڪ ئي پليٽ فارم تان حاصل ڪري سگهندا. هي ايپ ’’پاڪستان آسان خدمت‘‘ جي تصور تحت تيار ڪئي وئي آهي ته جيئن عوام کي سرڪاري سهولتن تائين جلدي ۽ آسان رسائي ملي سگهي.
جديد يوزر انٽرفيس، بهتر ڪارڪردگي ۽ آسان نيويگيشن سبب سرڪاري خدمتن تائين پهچ اڳ کان وڌيڪ سولي بڻجي وئي آهي. اختيارين موجب هي قدم ڊجيٽل پاڪستان جي ويزن کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي آهي.صارف اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس پليٽ فارمن لاءِ موجود ڪيو آر ڪوڊ اسڪين ڪري ايپ ڊائون لوڊ ڪري سگهن ٿا ۽ مختلف سرڪاري سهولتن مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا۔
