پاڪستان پيپلز پارٽي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن 2026 لاءِ پنهنجي اميدوارن جي نالن جو باضابطه اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پارٽي موجب ايل اي-1 ميرپور 1 تان اصفر شاهد، ايل اي-2 ميرپور 2 (چڪسواري) تان قاسم مجيد، ايل اي-3 ميرپور 3 (ميرپور شهر) تان ياسر سلطان، ايل اي-4 ميرپور 4 (کڙي شريف) تان چوڌري صهيب ارشد، جڏهن ته ايل اي-5 ڀمبر 1 (برنالا) تان چوڌري پرويز اشرف کي پارٽي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي.ان کان علاوه ايل اي-8 ڪوٽلي 1 (راج محل) تان ملڪ ظفر، ايل اي-9 ڪوٽلي 2 (نڪيال) تان جاويد اقبال ڀڊهاڻوي، ايل اي-10 ڪوٽلي 3 (ڪوٽلي) تان چوڌري ياسين، ايل اي-11 ڪوٽلي 4 (سهنسه) تان چوڌري اخلاق، ۽ ايل اي-12 ڪوٽلي 5 (چرهوئي) تان پڻ چوڌري ياسين کي اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي.باغ ڊويزن ۾ ايل اي-16 باغ 3 (اوڀر) تان سردار قمر زمان ۽ ايل اي-17 باغ 4 (حويلي) تان فيصل ممتاز راٺوڙ کي پارٽي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي.سدهنوتي ۽ پونڇ جي تڪن ۾ ايل اي-18 تان سردار امجد يوسف، ايل اي-19 (هجيره) تان سردار سعود صادق، ايل اي-20 (کائيگله) تان سردار يعقوب، ايل اي-21 (راولاڪوٽ شهر) تان سردار محمد عابد خان، جڏهن ته ايل اي-24 (بلوچ) تان سردار فهيم اختر رباني کي پاڪستان پيپلز پارٽي جو اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي.