مسجد نبوي ﷺ ۾ نمازين لاءِ جديد ٿڌڪ وارو نظام 24 ڪلاڪ فعال

مسجد نبوي ﷺ ۾ زائرين ۽ نمازين جي سهولت لاءِ جديد ٿڌڪ (ڪولنگ) جو نظام فعال ڪيو ويو آهي، جيڪو 24 ڪلاڪ بنا ڪنهن وقفي جي مڪمل صلاحيت سان ڪم ڪري رهيو آهي.عرب ميڊيا موجب هن جديد ڪولنگ سسٽم جي مجموعي گنجائش 19 هزار 300 ريفريجريشن ٽن کان وڌيڪ آهي، جنهن کي دنيا جي جديد ترين ٿڌڪ وارن نظامن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو.حرمين شريفين جنرل اٿارٽي موجب هي ڪولنگ سسٽم 98 هزار 700 چورس ميٽر ايراضيءَ تي پکڙيل آهي، جيڪو مسجد نبوي ﷺ جي اندروني حصن ۽ ٿنڀن جي هيٺان لڳايل خاص نظام ذريعي ٿڌڪ فراهم ڪري ٿو.اختيارين جو چوڻ آهي ته هن سموري نيٽ ورڪ جي 24 ڪلاڪ نگراني ۽ باقاعده سار سنڀال ڪئي وڃي ٿي ته جيئن نظام بهتر نموني سان ڪم ڪندو رهي.حڪام موجب هن جديد ڪولنگ سسٽم کي لڳائڻ جو مقصد مسجد نبوي ﷺ ۾ ايندڙ زائرين ۽ نمازين کي هر وقت آرامده، معتدل ۽ پُرسڪون ماحول مهيا ڪرڻ آهي، جيئن هو مڪمل سڪون ۽ يڪسوئي سان عبادت ادا ڪري سگهن.