ڪراچي: پاڪستان ۾ گولڊ ليف سگريٽ جي هڪ پيڪٽ جي قيمت 500 رپين تائين پهچي وئي آهي.ڪجهه ڏينهن اڳ پيٽروليم شين جي قمين ۾ واڌ سان وفاقي حڪومت مقامي سگريٽن تي وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.ياد رهي ته پرڏيهي برانڊن ۽ مقامي سگريٽن جي هڪ پيڪيٽ ۾ 20 سگريٽ شامل آهن.فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ملڪي سگريٽن تي ايڪسائيز ڊيوٽي وڌائي 16 رپيا 5 پيسا ۽ 9 رپين کان وڌيڪ اگهه واري سگريٽ تي 5 رپيا ۽ 9 رپين کان گهٽ اگهه واري سگريٽ تي 5 رپيا ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي.پاڪستان ٽوبيڪو ڪمپني (پي ٽي سي) سگريٽن جي مختلف برانڊز جي نئين پرائس لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.گولڊ ليف سگريٽ دٻي جو اگهه اوچتو ئي 260 رپين مان وڌي 479 رپيا في پيڪٽ ٿي ويو آهي، جڏهن ته گولڊ ليف کليا سگريٽ اوچتو ئي 15 رپين مان 25 رپين ۾ وڪرو ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن.ڪيپسٽان جي في پيڪي قيمت 80 يا 100 رپين مان اوچتو 210 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، مقامي ڊن هيل لائٽس جو اگهه به 260 رپين مان وڌي 478 رپيا ۽ ڊن هيل سوئچز جو اگهه 80 يا 100 رپين مان وڌي 280 کان 522 رپيا في پيڪ ويو آهي.پاڪستان ٽوبيڪو ڪمپني جي لسٽ موجب لوڪل بينسن اينڊ هيجز (بي اينڊ ايڇ) جي قيمت 479 رپيا في پيڪ ٿي وئي آهي.جان پليئر 210، گولڊ فليڪ، ايمبسي ۽ سي بي پي ايم سگريٽ جو هڪ پيڪيٽ 211 رپيا ٿي ويو آهي. ماضيءَ ۾ انهن ٽنهي برانڊن جا سگريٽ 100 کان به گهٽ في پيڪ ۾ وڪرو ٿيندا هئا.