ڪنڌڪوٽ ويجهو دراني مهر ٿاڻي جي حد ۾ ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري بڪتر بند گاڏين سان ڳوٺ پيارو سبزوئي ۽ ارصلاع سبزوئي ۾ اي پي سي چئن ساڻ پوليس جي وڏي اٽالن جو سبزوئي ۽ جاگيراڻي گينگ خلاف پوليس پاران هڪ وڏو سرچ آپريشن آپريشن ڪيو ويو آهي۔ پوليس آپريشن دوران پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ دوبدو فائرنگ جو سلسلو گذريل ھڪ ڪلاڪ کان جاري آھي۔ اطلاع آھن ته ڏوهارين پاران پوليس جي گاڏين مٿان راڪيٽ لانچرن جا گولا به فائر ڪيا ويا آهن۔ ڪنھن به جاني نقصا جو اطلاع ناھي مليو۔ آپريشن پنج ڏينھن اڳ غوثپور ڀرسان مئن انڊس ھا۽ وي تان مبينه اغوا ٿيل روھڙي واسي مزدا ڪلينر پير بخش شيخ جي بازيابي لا۽ ڪيو پيو وڃي۔ پوليس ذريعن ٻڌايو ته ڏوھاري گھر خالي ڪري ھيٺ ڪچي طرف لھي ويا آھن ۽ اتان پوليس مٿان فائيرنگ ڪري رھيا آھن۔ ذريعن موجب پوليس سبزوئي برادري جي شڪي جوابدارن جي ٿاڪن کي ڊاھي پٽ ڪيو آھي۔ جڏھين ته اھي به اطلاع آھن ته ڏوھارين جي طرفان راڪيٽ لانچر لڳڻ سبب اي پي سي چئن کي به نقصان رسيو آھي۔ ٻئي طرف لاڳيتو ھلندڙ فائيرنگ سبب علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو آهي ۽ علائقو جنگ جو ميدان بڻيل آهي۔۔