ٽرمپ جو دعويٰ: ‘سيو آمريڪا ايڪٽ’ پاس ٿيو ته ريپبلڪن 100 سال تائين چونڊون نه هارائيندا
خبر:
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڏکڻ ڊڪوٽا ۾ آمريڪا جي 250هين آزادي واري ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن ‘سيو آمريڪا ايڪٽ’ منظور ٿي ويو ته ريپبلڪن پارٽي ايندڙ 100 سالن تائين چونڊون نه هارائيندي.
هن قوم کي آمريڪا جي 250هين آزادي جي سالگرهه جون واڌايون ڏيندي چيو ته آمريڪا دنيا جو سڀ کان طاقتور ۽ ترقي يافته ملڪ آهي، جيڪو ڪڏهن به ناڪام نه ٿيندو. سندس چوڻ هو ته تاريخ ۾ ڪنهن به قوم پنهنجي ڪاميابين جو ايترو وڏو جشن نه ملهايو آهي، جيترو آمريڪا اڄ ملهائي رهيو آهي.ٽرمپ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن عوام ساٿ ڏيندو ته ريپبلڪن پارٽي ايندڙ مڊ ٽرم چونڊون به کٽيندي. هن خدشو ظاهر ڪيو ته جيڪڏهن ڊيموڪريٽس ٻيهر اقتدار ۾ آيا ته هو فِلي بسٽر وارو پارلياماني قانون ختم ڪري سگهن ٿا.پنهنجي خطاب دوران ٽرمپ چيو ته آمريڪا دنيا جي قديم ترين ۽ مضبوط جمهوريتن مان هڪ آهي، ان جو آئين دنيا جي بهترين آئينن مان شمار ٿئي ٿو، ۽ آمريڪا هميشه امن جو خواهشمند رهيو آهي. هن اهو به دعويٰ ڪيو ته آمريڪا وينزويلا کي هڪ ڏينهن ۾ شڪست ڏني ۽ ايران کي طاقتور حملي ذريعي ناڪامي سان منهن ڏيڻو پيو.