ھيلٿ ڪيئر ڪميشن سکر جي ٽيم پاران سيل ڪيل ڪلينڪون ميڊيڪل اسٽور غير قانوني ليباٽريون کليل

ٺڪراٺو جا عطائي ڊاڪٽر قانون کا ڏاڍا نڪتا ھيلٿ ڪيئر ڪميشن سکر جي ٽيم پاران سيل ڪيل اسپتالن جا بغير اجازت نامي جي تالا ٽوڙي ويھي رھيا عدالت جي حڪم باوجود صحت کاتو سيکڙاٽ عطائي ڊاڪٽرن خلاف موثر ڪارروائي ڪرڻ کان لنوائڻ لڳو شھر جي مختلف ھنڌن تي 30 کان وڌيڪ عطائي ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون ميڊيڪل اسٽور ۽ غير قانوني ليباٽريون کليل عطائي ڊاڪٽرن جي غلط علاج سبب شھر توڙي ٻھراڙي جا ڪيترائي ماڻھون موذي مرضن ۾ وٺجي ويا شھرين جي ڪافي ڀيرا احتجاجن باوجود صحت کاتي توڙي ھيلٿ ڪيئر ڪميشن تحرڪ نہ ورتو سيکڙاٽ عطائي ڊاڪٽرن جي انگ ۾ گھٽتائي بجاء واڌارو ٿيڻ لڳو ھوڏانھن عطائي ڊاڪٽرن پاران ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ٽيم ۽ صحت کاتي عملدارن کي ماھوار منٿلي ڏيڻ جو انڪشاف ڪري ڇڏيو
ٺڪراٺو ( رپورٽ ) ٺڪراٺي جاعطائي ڊاڪٽر قانون کان ڏاڍا بڻيل ٻہ ڏينھن پھريان ھيلٿ ڪيئر ڪميشن سکر جي ٽيم ڊاڪٽر مجاهد حسين ڀيو ڊاڪٽر ڪاشف سومرو ۽ ڊاڪٽر شبير دايو اڳواڻي ۾ ڇاپا ھڻي سيل ڪيل اسپتالن جا بغير اجازت جي تالا توڙي ويھي رھيا صحت کاتو توڙي ھيلٿ ڪيئر ڪميشن ٽيم خاموش ٿي ويھي رھيا ھوڏانھن سيل ٿيل ڪلينڪن جي مالڪ عطائي ڊاڪٽرن طالب آرائين زمان ملڪ سجاد احمد انيل ڪمار ۽ ٻين انڪشاف ڪندي چيو تہ ھو ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ٽيم ۽ صحت کاتي سکر جي ٽيم کي ماھوار چانھ پاڻي ڏينداآھن جنھن ڪري ھو ھر ڀيري نالي ماتر ڪارروائي ڪري ھليا وينداآھن ھوڏانھن صرف ٺڪراٺو سٽي ۾ 30 کان وڌيڪ سيکڙاٽ عطائي ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون ميڊيڪل اسٽور ۽ ليبارٽريون کليل آھي جتي اٻوجھ عوام کي ٻنھي ھٿن سان ڦري ڪک پتي مان لک پتي بڻجي ويا ھنن جي غلط علاج سبب علائقي جا ڪيترائي ماڻھون موذي مرضن ۾ وٺجي ويا آھن شھرين جي ڪافي ڀيرا احتجاجن باوجود ڪوبہ کڙتيل نہ نڪتو صحت کاتي جي نرمي سبب سيکڙاٽ عطائي ڊاڪٽرن جي انگ ۾ گھٽتائي بجاء ڏينھون ڏينھن اضافو ٿيڻ لڳو