ڪراچي جي علائقي عوامي ڪالوني ۾ پوليس اهلڪارن جي فائرنگ سبب ٻه نوجوان زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمين جي سڃاڻپ اطهر ۽ عبدالرزاق طور ٿي آهي.پوليس موجب موٽر سائيڪل سوار نوجوانن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو ويو، پر انهن رفتار وڌائي ڇڏي، جنهن کانپوءِ اهلڪارن تعاقب ڪندي فائرنگ ڪئي. فائرنگ کان پوءِ ڪجهه ماڻهن زخمي نوجوانن تي تشدد پڻ ڪيو.واقعي کانپوءِ عوامي ڪالوني جي رهواسين پوليس خلاف احتجاج ڪندي الزام هنيو ته بيگناهه نوجوانن تي فائرنگ ڪئي وئي. علائقي واسين لاڳاپيل ايس ايڇ او ۽ ملوث اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.هوڏانهن ايس ايس پي ڪورنگي فدا حسين جانوري واقعي جو فوري نوٽيس وٺندي هر پهلوءَ کان جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن غفلت يا اختيارن جي ناجائز استعمال جا ثبوت مليا ته ملوث اهلڪارن خلاف کاتيواري ڪارروائي ڪئي ويندي.