پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي قيادت گلگت بلتستان ڪابينا جي ميمبرن جي چونڊ پاڻ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب چيئرمين پي پي پي بلاول ڀٽو زرداري ڪابينا جي اميدوارن جا انٽرويو پاڻ ڪندو.ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري 6 جولاءِ تي گلگت پهچندو ۽ ٽن ڏينهن تائين اتي رهندو. ان دوران گلگت بلتستان جو وڏو وزير ڪابينا بابت پنهنجون سفارشون بلاول ڀٽو کي پيش ڪندو، جڏهن ته اميدوارن جي نامزدگي واري فهرست پڻ تيار ڪئي وئي آهي.پارٽي ذريعن موجب ڪابينا لاءِ اميدوارن جي چونڊ سندن تعليمي قابليت، تجربي ۽ صلاحيت جي بنياد تي ڪئي ويندي. بلاول ڀٽو حتمي منظوري ڏيڻ کان اڳ گلگت بلتستان جي وڏي وزير سان پڻ صلاح مشورو ڪندو.ذريعن موجب گلگت بلتستان ڪابينا ۾ 15 کان گهٽ ميمبر شامل ٿي سگهن ٿا، جن ۾ وزير ۽ سندن معاون شامل هوندا، جڏهن ته اتحادي جماعت استحڪام پاڪستان پارٽي (آءِ پي پي) کي به ڪابينا ۾ نمائندگي ڏني ويندي.