فيفا ورلڊ ڪپ 2026: ناروي برازيل کي 2-1 تان شڪست ڏئي پهريون ڀيرو ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويو

فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ ناروي شاندار راند پيش ڪندي پنج ڀيرا عالمي چيمپئن برازيل کي 1 جي مقابلي ۾ 2 گولن سان شڪست ڏئي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ جي ڪوارٽر فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.ناروي جي فتح جو هيرو ارلنگ هالينڊ رهيو، جنهن ٻنهي گولن سان پنهنجي ٽيم کي يادگار ڪاميابي ڏني. سندس شاندار ڪارڪردگي کيس ٽورنامينٽ جي اهم رانديگرن ۾ شامل ڪري ڇڏيو.هن شڪست کان پوءِ برازيل جو فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جو سفر ختم ٿي ويو، جڏهن ته ناروي پهريون ڀيرو عالمي ڪپ جي آخري اٺ ٽيمن ۾ شامل ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.ٽورنامينٽ جي ٽاپ اسڪوررن ۾ ارلنگ هالينڊ، ليونل ميسي ۽ ڪيليان ايمباپي ست، ست گولن سان گڏيل طور تي سرفهرست آهن. فتح کان پوءِ ناروي جي رانديگرن مداحن سان گڏ خوشي جو جشن ملهايو، جڏهن ته شڪست کان پوءِ برازيل جو اسٽار فٽبالر نيمار جونيئر جذباتي نظر آيو۔