ورلڊ ڪپ ۾ ناڪامي کان پوءِ هيڊ ڪوچز جا استعيفا جاري، گھانا ۽ اردن جا ڪوچ به مستعفي

فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ ٽيمن جي خراب ڪارڪردگي کان پوءِ هيڊ ڪوچز جي استعيفائن جو سلسلو جاري آهي. گھانا جي فٽبال ٽيم جو هيڊ ڪوچ ڪارلوس ڪوئروز ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جي شڪست کان پوءِ پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي.
73 ورهين جي ڪارلوس ڪوئروز هن سال اپريل ۾ گھانا جي ٽيم جي ذميواري سنڀالي هئي. ورلڊ ڪپ ۾ گھانا جي ٽيم گروپ ‘ايل’ ۾ شامل هئي ۽ هن گروپ مرحلي ۾ بهترين ٽئين ٽيم طور رائونڊ آف 32 لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو، پر اهم ميچ ۾ کين ڪولمبيا هٿان 1-0 سان شڪست ملي.ڪارلوس ڪوئروز جو اهو لڳاتار پنجون ورلڊ ڪپ هو، ان کان اڳ هو ايران، پرتگال ۽ مصر جي ٽيمن جا هيڊ ڪوچ به رهي چڪا آهن.ساڳئي ڏينهن اردن جي فٽبال ٽيم جو هيڊ ڪوچ جمال سلامي به پنهنجي عهدي تان مستعفي ٿي ويو. اردن جي ٽيم گروپ ‘جي’ ۾ چوٿين پوزيشن تي رهي، جنهن کان پوءِ هنن الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.واضح رهي ته جاري ورلڊ ڪپ ۾ خراب ڪارڪردگي کان پوءِ هاڻي تائين مجموعي طور پنج هيڊ ڪوچز استعيفا ڏئي چڪا آهن۔

پنھنجي راءِ لکو