ڪراچي ۾ واپارين خلاف ڦر ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جي واقعن ۾ ڳڻتي جوڳي واڌ جاري آهي. تازي واقعي ۾ عزيز آباد جي رهواسي واپاري حمزه نادر کان نامعلوم هٿياربند جوابدرن 5 لک رپيا روڪ رقم ۽ 3 قيمتي موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
هي واردات ٿاڻي عزيز آباد جي حدن اندر پيش آئي، جتي جوابدار ڪارروائي کان پوءِ آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جڏهن ته پوليس اڃا تائين کين گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. واقعي کان پوءِ واپاري برادري ۾ سخت خوف ۽ بيچيني پکڙجي وئي آهي، جڏهن ته شهرين به وڌندڙ ڏوهن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آه.موبائل اينڊ اليڪٽرانڪ ڊيلرز ايسوسيئيشن جي صدر منهاج گلفام واقعي تي سخت تشويش ظاهر ڪندي چيو ته شهر ۾ واپارين کي مسلسل نشانو بڻايو پيو وڃي، پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪارروايون اطمينان بخش ناهن. هن مطالبو ڪيو ته پوليس فوري طور جوابدارن کي گرفتار ڪري ۽ واپارين کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.ٻئي طرف ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات دير سان ٿيل مبينا پوليس مقابلن دوران 2 ڦورو مارجي ويا، جڏهن ته 2 زخمين سميت ڪل 4 جوابدار گرفتار ڪيا ويا. نارٿ ڪراچي جي 2 منٽ چورنگي ويجهو ٿيل مقابلي ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو، جنهن وٽان هٿيار ۽ ڦريل موبائل فون هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته ڪورنگي انڊسٽريل ايريا جي الله والا ٽائون ويجهو ٿيل هڪ ٻئي مبينا مقابلي ۾ پڻ هڪ ڦورو مارجي ويو. پوليس موجب گرفتار ۽ مارجي ويل جوابدارن جي ڏوهن جي رڪارڊ جي جاچ جاري آهي.