ايران جي سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي جي سهري ۽ سينيئر ايراني اڳواڻ ڊاڪٽر غلام علي حداد عادل، اي آر وائي نيوز سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته مجتبيٰ خامنه اي مڪمل خيريت سان آهن ۽ معمول موجب پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏئي رهيا آهن.هن چيو ته هو اڳوڻي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جا صلاحڪار رهيا آهن ۽ موجوده سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي جا پڻ صلاحڪار آهن. حداد عادل پاڪستاني حڪومت پاران تعزيت ۽ همدردي جي اظهار تي ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان جي ان جذبي کي ايران قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.ايران ۽ آمريڪا جي لاڳاپن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثالثي جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ايران کي آمريڪا تي اعتماد ناهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان به حقيقتن کان واقف آهي، تنهن هوندي به اميد آهي ته پاڪستان جون سفارتي ڪوششون ڪنهن مثبت نتيجي تي پهچنديون ۽ علائقي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون.