سعودي عرب ايشيائي مارڪيٽن لاءِ خام تيل جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي. بلومبرگ جي رپورٽ موجب سعودي عرب جي سرڪاري تيل ڪمپني آرامڪو ايندڙ مهيني کان ايشيا لاءِ پنهنجي عرب لائيٽ خام تيل جي قيمت ۾ 1.10 ڊالر في بيرل گهٽتائي ڪندي.
هن فيصلي کان پوءِ سعودي عرب جو عرب لائيٽ خام تيل علائقائي بينچ مارڪ جي مقابلي ۾ 1.50 ڊالر في بيرل رعايت تي دستياب هوندو. رپورٽ موجب هي گهٽتائي مارڪيٽ جي ماهرن جي اميدن کان وڌيڪ آهي، ڇو ته بلومبرگ جي سروي ۾ لڳ ڀڳ 0.80 ڊالر في بيرل گهٽتائي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو هو، پر سعودي عرب مارڪيٽ جي حالتن کي نظر ۾ رکندي وڌيڪ رعايت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.ٻئي طرف عالمي مارڪيٽن ۾ ڪاروباري هفتي جي شروعات تي خام تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ (WTI) خام تيل 0.60 ڊالر گهٽجي 68.09 ڊالر في بيرل، جڏهن ته برينٽ خام تيل 0.71 ڊالر گهٽجي 71.41 ڊالر في بيرل تي واپار ٿيو. مختلف بينچ مارڪن تحت برينٽ خام تيل جا سودا 71.49 کان 72.45 ڊالر في بيرل جي وچ ۾ طئي ٿيا.هوڏانهن قيمتي ڌاتن جي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 22.37 ڊالر گهٽجي 4,154.57 ڊالر في اونس ٿي وئي، جڏهن ته چاندي جي قيمت 1.48 ڊالر واڌ سان 62.54 ڊالر في اونس تائين پهچي وئي.