اسلام آباد: چڪوال ۾ افغان شهري کي مبينا طور جعلي پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ واري ڪيس ۾ نادرا جا 3 آفيسر گرفتار ڪيا ويا آهن۔گرفتار ٿيل آفيسرن ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر شهزاد محمد نسيم، سينيئر ايگزيڪيوٽو راجا تيمور ۽ انٽيليجنس آفيسر ساجد محمود شامل آهن. ايف آءِ اي موجب ٽنهي جون گرفتاري کان اڳ واريون ضمانتون به رد ڪيون ويون هيون.
ايف آءِ اي موجب افغان شهري محمد امين اڳ ئي گرفتار ٿي اڊيالا جيل ۾ آهي، جڏهن ته ڪيس جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.