گم ٿيل ڪارگو جهاز بابت اهم ڄاڻ سامهون اچي وئي

ڪراچي: شارجهه کان ڪراچي ايندڙ نجي ڪارگو جهاز، جيڪو اڏام دوران گم ٿي ويو ۽ مبينا طور سمنڊ ۾ ڪري پيو، تنهن بابت اهم ڄاڻ سامهون آئي آهي.

ذريعن موجب بوئنگ 737 جهاز 1999ع ۾ تيار ڪيو ويو هو ۽ ان ۾ سي ايف ايم ڪمپني جا ٻه انجڻ لڳل هئا. پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي موجب جهاز ڪراچي کان 150 ميل ڏکڻ طرف نيويگيشن ۾ خرابي جي اطلاع ڏئي مدد گهري، جنهن کان پوءِ اورماڙا ويجهو جهاز سان رابطو ٽٽي ويو. جهاز ۾ عملي جا پنج ماڻهو سوار هئا.