اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي پهرين چار ساله حج پاليسي 2027 کان 2030ع تائين منظور ڪري ڇڏي آهي. نئين پاليسي ۾ ون ٽائيم رجسٽريشن، شريعت موجب حج بچت اسڪيم ۽ حج انتظامن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جا قدم شامل آهن.
حڪومت موجب هڪ ڀيرو رجسٽريشن ڪرائيندڙ حاجي 2030ع تائين ڪنهن به حج سيزن لاءِ رجسٽر رهندا، جڏهن ته حج جا انتظامي معاملا مرحليوار ڊجيٽل ڪيا ويندا ته جيئن شفافيت ۽ سهولتن ۾ واڌ اچي.