ڪراچي: معصوم ٻار سان زيادتي ۽ قتل واري ڪيس جي شروعاتي رپورٽ وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه کي پيش ڪئي وئي. پوليس موجب جوابدار حمزا گرفتار آهي ۽ ڪيس نيپئر ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي.
وڏي وزير سنڌ پوليس کي شفاف جاچ، متاثر خاندان سان مڪمل سهڪار ۽ مضبوط پراسيڪيوشن يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته جوابدار کي قانون موجب سخت سزا ڏيارڻ لاءِ سڀ قدم کنيا وڃن.
