جاپان: عورت جا چپ سوئي ۽ ڌاڳي سان سِيڻ جي الزام هيٺ ٻي عورت گرفتار

پوليس موجب 42 ورهين جي متاثر عورت ڪنهن طريقي سان گهر مان فرار ٿي ويجهي دڪان ۾ پهتي، جتي هن هڪ ڪاغذ تي “مهرباني ڪري منهنجي مدد ڪريو” لکي ماڻهن کي ڏيکاريو. اطلاع ملڻ بعد پوليس فوري ڪارروائي ڪئي.

پوليس 49 ورهين جي مسائي ساڪورائي کي تشدد جي شڪ ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. اختيارين موجب واقعو 29 جون تي پيش آيو، جڏهن جوابدار عورت مبينا طور ڪاوڙ ۾ اچي متاثر عورت جا چپ سوئي ۽ ڌاڳي سان سِيئي ڇڏيا.

متاثر عورت پوليس کي ٻڌايو ته جوابدار معمولي ڳالهه تي سخت ڪاوڙجي وئي هئي. پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي ۽ اهو پڻ معلوم ڪري رهي آهي ته واقعي وقت گهر ۾ ڪو ٽيون شخص موجود هو يا نه.

پنھنجي راءِ لکو