پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ واپاري معاهدي لاءِ واشنگٽن ۾ ٻه روزا ڳالهيون شروع

اسلام آباد: پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ گڏيل واپاري معاهدي لاءِ واشنگٽن ۾ ٻه روزا مذاڪرات شروع ٿي ويا آهن، جن ۾ واپار، ٽيرف ۽ اقتصادي سهڪار بابت اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب مذاڪرات اڄ ۽ سڀاڻي جاري رهندا، جن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ٽيرف سان لاڳاپيل معاملن ۾ اڳڀرائي حاصل ڪرڻ تي تفصيلي خيال ونڊيا پيا وڃن.

پاڪستاني وفد جي اڳواڻي سيڪريٽري واپار جواد پال ڪري رهيو آهي، جڏهن ته وفد ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري طاهر اندرابي، سيڪريٽري اوورسيز پاڪستانيز اينڊ هيومن ريسورس ڊولپمينٽ نديم چوڌري ۽ جوائنٽ سيڪريٽري ٽيرف پاليسي اشفاق خان پڻ شامل آهن.

ترجمان موجب لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جا ٻيا عملدار به آن لائن ذريعي مذاڪرات ۾ شريڪ آهن.

ماهرن جو چوڻ آهي ته هي ممڪن واپاري معاهدو پاڪستان ۽ آمريڪا جي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن ۾ نئين دور جي شروعات ثابت ٿي سگهي ٿو.