ڪراچي (13 جولاءِ 2026): ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ جنگبندي

معاهدي جي خاتمي باوجود ايراني ريال جي قدر ۾ ڪا وڏي گهٽتائي نه آئي آهي. گذريل ڪجهه هفتن دوران ڳالهين ۽ جنگبندي سبب ايراني ڪرنسي مضبوط ٿي، جنهن کان پوءِ پاڪستان ۾ ڪيترن ئي ماڻهن ننڍي پيماني تي ايراني ريال ۾ سيڙپڪاري ڪئي.هاڻي ڇڪتاڻ وڌڻ کان پوءِ سيڙپڪار ريال جي مستقبل بابت ڳڻتي ۾ آهن، پر ايران جي سينٽرل بئنڪ جي انگن اکرن موجب ايراني ڪرنسي اڃا تائين نسبتاً مضبوط آهي.سرڪاري مٽاسٽا واري شرح موجب 100 پاڪستاني رپين جي بدلي لڳ ڀڳ 4 لک 87 هزار 555 ايراني ريال ملن ٿا، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ ڪروڙ ايراني ريال جو پيڪٽ 7 هزار 500 کان 8 هزار پاڪستاني رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. مختلف شهرن ۾ ان جي قيمت ۾ ٿورو فرق ڏٺو پيو وڃي.واضح رهي ته 28 فيبروري تي ايران تي اسرائيل ۽ آمريڪا جي حملن کان اڳ هڪ ڪروڙ ا