**ڪوهاٽ (14 جولاءِ 2026):** خيبر پختونخوا جي ضلعي ڪوهاٽ جي تحصيل لاچي جي علائقي مالگين ۾ تيز بسات ۽ طوفاني هوائن دوران هڪ پراڻي گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 10 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.ريسڪيو اختيارين موجب فوتين ۾ 7 عورتون ۽ 3 ٻار شامل آهن. امدادي ٽيمن فوري ڪارروائي ڪندي ملبي هيٺان سڀئي لاش ڪڍي ورتا.
حادثي ۾ 13 ڄڻا زخمي ٿيا، جن ۾ 10 عورتون ۽ 3 ٻار شامل آهن. زخمين کي فوري طور ضلعي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.هوڏانهن نوشهره جي ڀرپاسي واري علائقي ۾ به برسات دوران هڪ ڀت ڪرڻ سبب 10 ورهين جو هڪ ٻار فوت ٿي ويو. ريسڪيو ذريعن موجب فوت ٿيل ٻار پنهنجي والدين جو اڪيلو اولاد هو.
