يو اي اي ۾ آمريڪي سفارتخاني 15 جولاءِ تائين قونصلر اپائنٽمينٽون منسوخ ڪري ڇڏيون

ابوظبي: گڏيل عرب امارات (يو اي اي) ۾ آمريڪي سفارتخاني علائقي جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي 15 جولاءِ تائين سڀئي قونصلر اپائنٽمينٽون منسوخ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.گلف نيوز موجب، ابوظبي ۾ آمريڪي سفارتخاني ۽ دبئي ۾ آمريڪي قونصل خاني 13 جولاءِ کان 15 جولاءِ تائين ويزا ۽ ٻين قونصلر خدمتن بابت مقرر ڪيل سڀئي اپائنٽمينٽون رد ڪري ڇڏيون آهن.آمريڪي مشن پاران جاري ڪيل سيڪيورٽي الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته جن درخواستگذارن جون اپائنٽمينٽون هن عرصي دوران مقرر هيون، اهي سفارتخاني يا قونصل خاني نه اچن. متاثر ماڻهن سان نئين تاريخ ۽ وقت مقرر ڪرڻ لاءِ سڌو رابطو ڪيو ويندو.

پنھنجي راءِ لکو