سکر(رپورٽ محمد قاسم ملڪ )گورنمينٽ رٽائرڊ ٽيچرز ايسوسيئيشن سنڌ ضلع سکر

سکر(رپورٽ محمد قاسم ملڪ )گورنمينٽ رٽائرڊ ٽيچرز ايسوسيئيشن سنڌ ضلع سکر پاران رٽائرڊ ٽيچرز جي حقن لاءِ سيون پوائنٽ، ورلڊ گلوپ چونڪ، سکر نيشنل پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو،جنهن جي اڳواڻي مرڪزي صدر، رٽائرڊ ظمير احمد خان ۽ سکر جي ضلع قيادت صدر، محمد بخش مهر، جرنل سيڪريٽري عبدالعزیز ملڪ، نائب صدر، گلزار احمد منگي، جوائنڊ سيڪريٽري محمد عمر منگريو پڻ ڪئي، مظاھرين هٿن تي پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي ناريبازي ڪندي پڻ چيو ته اسان رٽائرڊ ٽيچرز آهيون هن وقت اسان کي ڪجه سهارن جي ضرورت پئي ٿي حڪومت کان ڪاخيرات ڪون ٿا گهرون جيڪي جائز اسان جا حق آهن جيتوڻيڪ سنڌ جي رٽائرڊ ملازمن جا غصب ڪيل حقوق واپس ڪيو، سنڌ جي رٽائرڊ ٽيچرز جي پينشن ۾ موجوده مهانگائ جي مناسبت سان 100 فيصد اضافو ڪيو وڃي، سنڌ ۾ رٽائرڊ استادن کي گروپ انشورنس ۽ بينيونلٽ فنڊ جنهن جي ڪٽوتي دوران ملازمت هر مهيني ڪئي ويندي رهي آهي ان جي ادئگي ان جي ادئگئ ۾ ڏيڻ جو قانون بلوچستان صوبي جي طرز تي ٺاهيو وڃي، سنڌ جي رٽائرڊ استادن کي ميڊيڪل الائنس ۾ 50 فيصد اضافو ڪيو وڃي، جڏهن ته حڪومت کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته پهريان به اسان ڪراچي ۾ احتجاج ڪيو آهي ۽ هاڻي سکر ۾ ڪري رهيا آهيون ۽ سکر مان ضلع وائيز شروعات ڪئي آهي جي اسان استادن جا جائز مسئلا نه مڃان ويا ته هر ضلعي تعقلي مان احتجاج نڪرندا.