مريڪا طرفان ڪويت کي 484 ملين ڊالرن جي فوجي سهائتا واري معاهدي جي منظوري

واشنگٽن (16 جولاءِ 2026): آمريڪا ڪويت کي 484 ملين ڊالر ماليت جي سي-17 (C-17) فوجي جهازن جي سار سنڀال ۽ لاڳاپيل دفاعي سامان جي وڪري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب معاهدي ۾ سي-17 جهازن جي اپگريڊ، اسپيئر پارٽس، مرمتي سامان، مواصلاتي نظام، سافٽ ويئر، فني دستاويز، عملي جي تربيت، جيٽ فيول، انجنيئرنگ، ٽيڪنيڪل ۽ لاجسٽڪ سهولتون شامل آهن.آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته هن معاهدي سان ڪويت جي سي-17 جهازن جي آپريشنل تياري برقرار رهندي ۽ ملڪ جي موجوده ۽ مستقبل جي دفاعي صلاحيت وڌيڪ مضبوط ٿيندي.بيان موجب ڪويت جو سي-17 جهازنجو ٻيڙو دنيا جي مختلف علائقن ۾ آمريڪي ۽ اتحادي فوجن جي آپريشنز ۾ پڻ سهڪار فراهم ڪندو.آمريڪا جو چوڻ آهي ته هن دفاعي معاهدي سان علائقي جي فوجي طاقت جي توازن ۾ ڪا وڏي تبديلي نه ايندي.هن معاهدي جو مکيه ٺيڪيدار آمريڪي ڪمپني بوئنگ هوندي، جنهن جو هيڊڪوارٽر آرلنگٽن، ورجينيا ۾ واقع آهي.