واشنگٽن (16 جولاءِ 2026): آمريڪا سعودي عرب لاءِ لڳ ڀڳ 1.96 ارب ڊالر ماليت جي دفاعي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن معاهدي تحت سعودي عرب کي جديد هوائي دفاعي نظام، گائيڊڊ هٿيار، راڪيٽ، لانچرز، مرمتي سامان، تربيتي اوزار ۽ لاجسٽڪ سهائتا فراهم ڪئي ويندي.آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب هن معاهدي جو مقصد سعودي عرب جي دفاعي صلاحيت کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ علائقي ۾ سيڪيورٽي سهڪار کي هٿي ڏيڻ آهي. آمريڪا جو چوڻ آهي ته سعودي عرب سندس اهم اتحادي آهي ۽ ان جي دفاعي تياري ۾ واڌ علائقي جي استحڪام لاءِ اهم آهي.
بيان موجب هن معاهدي جو مکيه ٺيڪيدار بي اي اي سسٽمز هوندو، جڏهن ته ان ۾ تربيت، انجنيئرنگ، ٽيڪنيڪل سهائتا ۽ ٻيون دفاعي سهولتون پڻ شامل آهن.هي منظوري اهڙي وقت سامهون آئي آهي، جڏهن سعودي عرب ۽ يمن جي حوثي باغين وچ ۾ ڇڪتاڻ ٻيهر وڌي رهي آهي.
