**اسلام آباد:** پرڏيهه ۾ روزگار ڳوليندڙ پاڪستاني نرسن لاءِ جرمني ۾ نوڪري جا بهتر موقعا موجود آهن.
بيورو آف اميگريشن اينڊ اوورسيز ايمپلائيمينٽ (بي اي او اي) موجب جرمني ۾ وڌندڙ عمر واري آبادي سبب تربيت يافته نرسن جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جنهن ڪري نرسنگ شعبي ۾ روزگار جا موقعا وڌي رهيا آهن.
بي اي او اي جو چوڻ آهي ته اهي پاڪستاني نرسون، جن وٽ تصديق ٿيل ڊپلوما يا ڊگري موجود آهي، جرمني ۾ نوڪري لاءِ درخواست ڏئي سگهن ٿيون.جرمني ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ نرسن کي پهريان پنهنجي تعليمي ۽ پيشاور قابليت جي جرمن اختيارين کان منظوري وٺڻي پوندي. ان سان گڏ جرمن ٻولي سکڻ ۽ ٻيون مقرر ڪيل شرطون پوريون ڪرڻ به لازمي هوندو.
