**ڪراچي (16 جولاءِ 2026):** ڪراچي جي علائقي سرجاني ٽائون ۾ تيز رفتار ڊمپر روڊ پار ڪندڙ 25 ورهين جي عورت کي ٽڪر هنئي، جنهن سبب هوءَ سخت زخمي ٿي پئي.واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس وڏي نفري سان گڏ واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ زخمي عورت کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس موجب حادثو انتهائي خطرناڪ هو، جنهن ۾ عورت جي مٿي تي سخت زخمي يا. ڊمپر جي ٽڪر ۽ روڊ تي گهِسجڻ سبب سندس مٿي کي شديد نقصان پهتو.اسپتال ذريعن موجب عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ ڊاڪٽرن جي خاص ٽيم سندس علاج ۾ مصروف آهي.پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ڊمپر ڊرائيور حادثي کان پوءِ گاڏي سميت فرار ٿي ويو. پوليس فرار ٿيل ڊرائيور جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.
