غوثپورشھر ۾ علائقي جي صوفي بزرگ سيد عبدالرحيم شاھ جيلاني عرف شھيد بادشاه جي 97 ساله عرس مبارڪ جون تقريبون اڄ ٽئين ڏينھن پنھنجي پڄاڻي تي پھتيون

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر :غوثپورشھر ۾ علائقي جي صوفي بزرگ سيد عبدالرحيم شاھ جيلاني عرف شھيد بادشاه جي 97 ساله عرس مبارڪ جون تقريبون اڄ ٽئين ڏينھن پنھنجي پڄاڻي تي پھتيون۔ ھن ورسي جي موقعي تي سنڌ جي مختلف شھرن ڪشمور۔ بڊاڻي۔ بخشاپور۔ ڪنڌڪوٽ۔ ٺل۔ ڪرمپور ۽ جيڪب آباد سميت ڀر ڀاسي جي ڪيترن ئي ڳوٺن مان سوين پانڌيئڙن شرڪت ڪئي۔ ورسي ميلي جي آخري ڏينھن تي صوفياڻي محفل جي تقريب جاري رھي جنھن ۾ سنڌ جي مختلف شھرن۔ ڪنڌڪوٽ ۽ ڪرمپور مان نامور ڳائڻن۔ سيد راشد شاھ جيلاني۔ شعيب چنو ۽ گل حسن ٿھيم صوفياڻه ڪلام ڳائي آيل عوام کي روحاني سڪون پھچايو۔ علائقي جي نامور شاعرن فقير عبدالقادر اوڳاھي ۽ فقير احمد علي بھلڪاڻي ۽ سگھڙ سيد سرفراز شاھ پنھنجي نڪور شاعري ۽ بيت ٻڌائي خوب داد وصول ڪيو۔ ان موقعي تي ميله ڪاميٽي جي اڳواڻ ۽ درگاه جي گادي نشين سيد فرمان شاھ ٻڌايو ته ھن عرس ۾ ٽيئي ڏينھن سنڌ جي مختلف شھرن مان ھزارين عقيدتمندن شرڪت ڪئي جن لا۽ لنگر جو بندوبست به ڪيو ويو۔