اوٽاوا: ڪينيڊا پاڪستانين سميت سڄي دنيا جي درخواستگذارن لاءِ والدين ۽ گرينڊ پيرنٽس اسپانسرشپ پروگرام تحت نيون درخواستون عارضي طور تي بند ڪري ڇڏيون آهن.ڪينيڊين اميگريشن کاتي موجب، هن فيصلي جو مقصد وڌندڙ درخواستن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ پروسيسنگ تي وڌندڙ دٻاءُ گهٽائڻ آهي. البت، اڳ ۾ جمع ڪرايل درخواستن تي معمول موجب ڪم جاري رهندو.سرڪاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته في الحال نوان انٽريسٽ ٽو اسپانسر فارم قبول نه ڪيا ويندا ۽ نه ئي نون اسپانسرز کي درخواست ڏيڻ جي دعوت ڏني ويندي.ڪينيڊين اختيارين موجب، کاتي جي سموري توجهه هن وقت اڳ ۾ موجود درخواستن کي مڪمل ڪرڻ تي آهي، جڏهن ته 2026ع دوران هن پروگرام تحت التوا ۾ پيل 15 هزار ماڻهن کي مستقل رهائش ڏيڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.
هي پروگرام ڪينيڊين شهرين ۽ مستقل رهواسين کي پنهنجي والدين، ڏاڏن، ڏاڏين، نانن ۽ نانين کي مستقل رهائش لاءِ ڪينيڊا گهرائڻ جي سهولت فراهم ڪندو آهي.
ڪينيڊين حڪومت واضح ڪيو آهي ته پروگرام جي عارضي معطلي باوجود، خاندان پنهنجي بزرگن کي سپر ويزا ذريعي ڪينيڊا گهرائي سگهن ٿا، جيڪو مستقل رهائش ته نٿو ڏئي، پر کين ڊگهي عرصي تائين ڪينيڊا ۾ رهڻ ۽ پنهنجي خاندان سان وقت گذارڻ جي اجازت ڏئي ٿو.
اميگريشن ماهرن موجب، ڪينيڊا ۾ رهائش ۽ بنيادي ڍانچي تي وڌندڙ دٻاءَ سبب اميگريشن پاليسين کي آهستي آهستي وڌيڪ سخت ڪيو پيو وڃي، ۽ هي فيصلو به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.