ڪراچي: ڊفينس ۾ پرڏيهي عورت سان مبينا زيادتي جي ڪوشش، جوابدار گرفتار

ڪراچي (19 جولاءِ 2026): ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 6 ۾ هڪ فليٽ اندر پرڏيهي عورت سان مبينا زيادتي جي ڪوشش جو واقعو پيش آيو، جنهن کان پوءِ پوليس ڪارروائي ڪندي محمود نالي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب متاثره عورت جي والد جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. عورت پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته 17 جولاءِ جي رات جوابدار کيس گهر ڇڏڻ آيو. هن کيس گهر اندر اچڻ جي اجازت ڏني، جتي جوابدار مبينا طور تي ساڻس زيادتي جي ڪوشش ڪئي. عورت جي مزاحمت ۽ رڙين کان پوءِ جوابدار اتان فرار ٿي ويو.پوليس موجب ڪجهه دير بعد جوابدار پنهنجو موبائل فون وٺڻ لاءِ ٻيهر اپارٽمينٽ تي آيو، جنهن دوران عورت شور مچايو ۽ جوابدار ٻيهر فرار ٿي ويو، جنهن کي بعد ۾ پوليس گرفتار ڪري ورتو.پوليس جو چوڻ آهي ته متاثره عورت جو طبي معائنو ڪرايو ويو آهي ۽ فرانزڪ جاچ لاءِ ضروري نمونا پڻ حاصل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.
:::