لاهور: پوليس تحويل دوران گرفتار ٻه عورتون فوت، جاچ شروع

لاهور جي ٽائون شپ ٿاڻي مان منتقل ڪيل گرفتار ٻه عورتون، انمول ۽ آمنه، پوليس تحويل دوران فوت ٿي ويون. پوليس موجب ٻنهي عورتن کي مبينا چوري ۽ فراڊ جي الزام هيٺ شهرين پڪڙي پوليس حوالي ڪيو هو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻنهي عورتن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بعد کين وڌيڪ جاچ لاءِ انويسٽيگيشن ونگ حوالي ڪيو ويو. بعد ۾ جڏهن کين وومين پوليس اسٽيشن منتقل ڪيو پئي ويو ته رستي ۾ سندن طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي.پوليس موجب ٻنهي عورتن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر هو جانبر نه ٿي سگهيون ۽ رستي ۾ ئي فوت ٿي ويون.اختيارين جو چوڻ آهي ته ابتدائي ڄاڻ موجب ٻئي عورتون اڳ ۾ به رڪارڊ يافته هيون ۽ مبينا طور منشيات استعمال ڪنديون هيون. جڏهن ته موت جي اصل سبب بابت حتمي راءِ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کان پوءِ ئي سامهون ايندي.پوليس لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته واقعي جي سڀني پهلوئن کان شفاف، غيرجانبدار ۽ ميرٽ تي جاچ جاري آهي