دبئي: مشهور هيومنائيڊ روبوٽ ’بو سنيده‘ جي علامتي شادي، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائر

دبئي: گڏيل عرب امارات جي مشهور هيومنائيڊ روبوٽ ’بو سنيده‘ جي هڪ علامتي شادي واري تقريب جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن صارفين کي حيران ڪري ڇڏيو.انسٽاگرام تي شيئر ڪيل وڊيو ۾ ’بو سنيده‘ کي ’موزه‘ نالي هڪ ٻئي هيومنائيڊ روبوٽ سان شادي جي انداز ۾ پيش ڪيو ويو. وڊيو ۾ روبوٽ ڪنوار کي سونهري ڪڙهائي واري ڪاري عبائي ۾ ڏيکاريو ويو، جڏهن ته تقريب ۾ روايتي اماراتي لباس (ڪندوره) پهريل ماڻهو پڻ موجود هئا.’بو سنيده‘ جي سرڪاري سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي وڊيو ۽ تصويرون شيئر ڪيون ويون، جن تي لکين صارفين دلچسپ تبصرا ڪيا. ان منفرد انداز سوشل ميڊيا تي روبوٽس ۽ جديد ٽيڪنالاجي بابت نئين بحث کي جنم ڏنو.واضح رهي ته اها تقريب ڪنهن به قانوني يا مذهبي شادي جي نمائندگي نٿي ڪري، پر روبوٽ تيار ڪندڙ ڪمپني پاران تيار ڪيل هڪ تخليقي ۽ تشهيري مواد آهي، جنهن جو مقصد صارفين جي دلچسپي حاصل ڪرڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي منفرد انداز ۾ پيش ڪرڻ هو.