اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل تفصيلي رپورٽ ۾ بشريٰ بي بي کي اڪيلائي واري قيد ۾ رکڻ جي الزامن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي.رپورٽ موجب بشريٰ بي بي سان ڪنهن به قسم جو امتيازي يا غير مساوي سلوڪ نٿو ڪيو وڃي ۽ هوءَ جيل جي قانونن موجب سزا ڪاٽي رهي آهي. جيل اختيارين جو چوڻ آهي ته ملڪ جي ڪنهن به جيل ۾ هاڻي اڪيلائي واري قيد جو نظام موجود ناهي، جڏهن ته عدالتون به گهڻي عرصي کان اهڙي سزا نٿيون ڏين.سپرنٽنڊنٽ اڊيالا جيل پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم جي گهرواري هجڻ سبب بشريٰ بي بي جي سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي اضافي انتظام ڪيا ويا آهن، تنهن ڪري عام عورت قيدين کي سندس رهائش واري هنڌ تائين رسائي جي اجازت ناهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بشريٰ بي بي کي جيل جي مخصوص احاطي اندر آزادانه اچ وڃ جي مڪمل اجازت حاصل آهي، جتي هڪ وڏو ڪمرو، الڳ صحن ۽ ڌار بورچي خانو موجود آهي. هوءَ ڏينهن جو پنهنجي مرضي موجب گهمي ڦري سگهي ٿي، جڏهن ته شام جو جيل جي ضابطن موجب ڪمرو بند ڪيو ويندو آهي.
جيل انتظاميا موجب عورت ميڊيڪل آفيسر روزانو گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا سندس طبي معائنو ڪندي آهي، جنهن دوران بلڊ پريشر ۽ ٻين ضروري طبي نشانين جو جائزو ورتو ويندو آهي، جڏهن ته ضرورت پوڻ تي خاص طبي معائنو پڻ ڪيو ويندو آهي.رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بشريٰ بي بي جي سارسنڀال لاءِ عورت جيل آفيسر ۽ عملو مقرر آهي، جڏهن ته ٻه عورت وارڊر هر وقت سندس خدمت لاءِ موجود رهن ٿيون، جيڪي مقرر ڪيل مينيو موجب ٽن وقتن جو کاڌو تيار ڪرڻ سميت روزاني ضرورتن جو خيال رکن ٿيون. کيس قدرتي روشني ۽ تازي هوا جي سهولت پڻ فراهم آهي.جيل مينوئل موجب بشريٰ بي بي کي هر اڱاري ڏينهن پنهنجي مڙس، باني پاڪستان تحريڪ انصاف، سان ملاقات جي باقاعده اجازت ڏني ويندي آهي.جيل اختيارين عدالت کان درخواست ڪئي آهي ته بشريٰ بي بي جي ڌيءَ طرفان داخل ڪيل درخواست کي بي بنياد قرار ڏئي رد ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اڪيلائي واري قيد بابت لڳايل الزام حقيقتن تي ٻڌل ناهن.