برطانوي شاهي خاندان ڊچز آف سسڪس ميگهن مارڪل جي 45هين سالگرهه تي سوشل ميڊيا ذريعي ڪو به عوامي واڌائي وارو پيغام جاري نه ڪيو، جنهن جو سبب نئين شاهي پروٽوڪول کي قرار ڏنو پيو وڃي. موجوده هدايتن موجب سرڪاري سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي صرف شاهي خاندان جي فعال ميمبرن کي سالگرهه ۽ ٻين اهم موقعن تي مبارڪباد ڏني ويندي آهي. هي پاليسي 2020 کان پوءِ شاهي ميڊيا کي منظم ڪرڻ لاءِ لاڳو ڪئي وئي، جڏهن ته شهزادو هيري ۽ ميگهن مارڪل شاهي ذميواريون ڇڏي نان ورڪنگ رائلز جي حيثيت اختيار ڪري چڪا آهن.
