صدر جو اليڪشن سان ڪو ڪم ناهي، هروڀرو کهاند نه ڪري: راڻا ثناءُالله

لاهور: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته صدر عارف علوي ”آ بيل مجهي مار“ وارو ڪم نه ڪري.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ راڻا ثناءُالله چيو ته صدر آئين جي حدن ۾ رهي، صدر آفيس کي بليڪ ميلنگ جي اڏو نه بڻائي، اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ سان صدر جو ڪو به ڏيڻ وٺڻ ناهي.هن چيو ته عارف علوي اليڪشن جي معامري ۾ هروڀرو ٽنگ نه اڙائي، اهو اليڪشن ڪميشن کي غير آئين ۽ غير قانوني حڪمن تي مجبور نٿو ڪري سگهي.گهرو وزير جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن توهان جو نوڪر ناهي جو جيڪو توهان چئو اهو مڃي، عمران خان معيشت، پرڏيهي لاڳاپا ۽ قومي مفادن کي نقصان پهچايو آهي.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته عمران خان رياستي سربراهه جي عهدي کي سازش لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي.