ايران جنگ سبب آمريڪي هٿيارن جي ذخيرن تي وڌندڙ دٻاءَ کي نظر ۾ رکندي آمريڪي دفاع واري وزارت (پينٽاگون) وڏين دفاعي ڪمپنين کي هٿيارن جي پيداوار ۽ فراهمي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
رپورٽن موجب آمريڪي نائب بچاءَ واري وزير اسٽيو فائن برگ 5 آگسٽ تي بوئنگ، لاڪ هيڊ مارٽن ۽ آر ٽي ايڪس سميت ڪيترين ئي دفاعي ڪمپنين کي خط لکيو، جنهن ۾ کين نئين پيداواري حڪمتِ عملي پيش ڪرڻ لاءِ 21 ڏينهن جي مهلت ڏني وئي آهي.
فائن برگ پنهنجي خط ۾ چيو ته سالن تائين هلندڙ پيداوار جا مرحلا هاڻي قابلِ قبول ناهن، تنهن ڪري دفاعي پروگرامن جي شيڊول ۾ فوري طور تي تيزي آڻڻ ۽ پيداواري صلاحيت وڌائڻ ضروري آهي.
پينٽاگون خاص طور تي فضائي نگراني جي سامان، فضائي دفاعي سينسرز، ميزائل روڪڻ وارن نظامن ۽ ميزائلن جي نگراني سان لاڳاپيل نظامن جي خريداري ۽ پيداوار تيز ڪرڻ چاهي ٿو.رپورٽ موجب ايران خلاف آمريڪي ڪاررواين ۽ وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻائيندڙ ڊرونز ۽ ميزائلن کي روڪڻ دوران آمريڪي فوجي ذخيرن تي دٻاءُ وڌيو آهي.جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ملڪ ۾ گولا بارود جي کوٽ جي ترديد ڪندي چيو آهي ته آمريڪا وٽ وڏي مقدار ۾ گولا بارود موجود آهي. سندس چوڻ موجب ڪجهه هٿيارن جا ذخيرا محدود ضرور آهن، پر انهن جا متبادل روزانو پهچي رهيا آهن.پينٽاگون جي ترجيحي منصوبن ۾ سيٽلائيٽ مواصلاتي نظام، جديد فضائي دفاعي سامان ۽ لاڪ هيڊ مارٽن جو نئين نسل وارو انٽرسيپٽر پڻ شامل آهي، جنهن جو مقصد بين البراعظمي بيلسٽڪ ميزائلن خلاف آمريڪي دفاع کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي.
دفاعي ڪمپنين کي آگسٽ جي آخر تائين پنهنجا منصوبا پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جن ۾ هٿيارن جي پيداوار وڌائڻ، فراهمي جو وقت گهٽائڻ يا ٻنهي قدمن بابت تفصيل شامل هوندا.
