ايران جي رستي غيرقانوني بارڊر پار ڪرائيندڙ نيٽ ورڪ پڪڙيو ويو، 2 مسافر تحويل ۾

ايران جي رستي غيرقانوني بارڊر پار ڪرائيندڙ نيٽ ورڪ پڪڙيو ويو، 2 مسافر تحويل ۾

ملتان: ايف آءِ اي اميگريشن ملتان ايران جي رستي غيرقانوني طريقي سان سرحد پار ڪرائڻ ۾ ملوث منظم نيٽ ورڪ جو پتو لڳائي ورتو، جڏهن ته ٻاهرين ملڪ مان واپس ايندڙ ٻن مسافرن کي پڇا ڳاڇا لاءِ تحويل ۾ ورتو ويو آهي.

ايف آءِ اي موجب تحويل ۾ ورتل مسافرن جي سڃاڻپ صفدر اقبال ۽ فيصل شهزاد طور ٿي آهي، جڏهن ته ٻنهي جو تعلق منڊي بهاوالدين سان آهي. ٻئي مسافر يو اي اي مان پرواز جي 9558 ذريعي ملتان پهتا هئا.

اميگريشن ڪليئرنس دوران ٻنهي مسافرن جو سفري رڪارڊ سسٽم ۾ موجود نه هو. شروعاتي جاچ دوران معلوم ٿيو ته ٻنهي غيرقانوني طريقي سان تفتان بارڊر پار ڪري ايران جي رستي عراق جو سفر ڪيو هو.

ايف آءِ اي موجب ناصر نالي ٽريول ايجنٽ نوڪري جو لالچ ڏئي ٻنهي مسافرن کي غيرقانوني طريقي سان پاڪستان مان ٻاهر وڃڻ ۾ سهولت فراهم ڪئي ۽ کين عراق پهچائڻ جو انتظام ڪيو.

مسافرن ٻڌايو ته عراق پهچڻ کانپوءِ عراقي پوليس کين گرفتار ڪري ورتو ۽ ٻئي 7 ڏينهن تائين پوليس جي حراست ۾ رهيا. هڪ مسافر اهو پڻ ٻڌايو ته کيس ان کان اڳ ترڪيءَ مان ڊي پورٽ ڪيو ويو هو.

ايف آءِ اي وڌيڪ جاچ ۽ قانوني ڪارروائي لاءِ معاملو اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل ملتان حوالي ڪري ڇڏيو آهي.