عورتن لاءِ گهر ويٺي اي چالان چيڪ ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي.
پنجاب سيف سٽيز اٿارٽي جي وومين سيفٽي ايپ ذريعي عورت ڊرائيور پنهنجا اي چالان آساني سان چيڪ ڪري سگهنديون.
ايپ تي چالان جون مڪمل تفصيلون ڏسي سگهجن ٿيون، جڏهن ته چالان جي ڪاپي موبائل فون تي ڊائون لوڊ پڻ ڪري سگهجي ٿي.
هي سهولت 24 ڪلاڪ موجود آهي، جنهن ذريعي عورتون ڪنهن به وقت پنهنجن اي چالانن بابت معلومات حاصل ڪري سگهنديون.