ناشتو ٺاهڻ کان انڪار تي ماءُ مبينا طور 10 ورهين جي ڌيءَ کي ڇري هڻي قتل ڪري ڇڏيو

اوڪاڙه جي ڀرپاسي واري ڳوٺ راءِ پور ۾ دل ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو، جتي ماءُ مبينا طور معمولي ڳالهه تان پنهنجي 10 ورهين جي ڌيءَ کي ڇري جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو.پوليس ذريعن موجب، بشريٰ بي بي پنهنجي 10 ورهين جي ڌيءَ کي گهر ۾ ناشتو تيار ڪرڻ لاءِ چيو، پر ڌيءَ جي انڪار ڪرڻ تي عورت ڪاوڙ ۾ اچي مٿس ڇري سان حملو ڪري ڇڏيو.ڇري جا وار لڳڻ سبب نينگري سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي فوري طور ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر هوءَ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي.واقعيکان پوءِ مبينا جوابدار عورت فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. پوليس نينگري جو لاش تحويل ۾ وٺي قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.پوليس موجب، جوابدار بشريٰ بي بي جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، جڏهن ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ پڻ جاري آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.