تجرباتي ميگ ليِو ٽرين صرف 5.3 سيڪنڊن ۾ 800 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار حاصل ڪري ورتي

چيني سائنسدانن ميگ ليِو ٽيڪنالاجي ۾ اهم اڳڀرائي ڪندي هڪ تجرباتي ٽرين کي صرف 5.3 سيڪنڊن ۾ صفر کان 800 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار تائين پهچائي نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.

چيني اختيارين موجب تقريبن 1,157 ڪلوگرام وزن واري هن تجرباتي ٽرين مختصر فاصلي ۾ تيز رفتاري جو عالمي رڪارڊ قائم ڪيو آهي. گذريل ڇهن مهينن دوران چين پاران هن شعبي ۾ ٽيون ڀيرو نئون رڪارڊ قائم ڪيو ويو آهي.

هي تجربو چين جي ڊانگهو ليبارٽري ۾ ڪيو ويو. هن وقت هي ٽرين مسافرن جي سفر لاءِ استعمال نٿي ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته اها هڪ تجرباتي گاڏي آهي.

ميگ ليِو ٽرينون مقناطيسي نظام ذريعي ريل جي پٽڙي کان مٿي معلق رهن ٿيون، جنهن سبب روايتي ٽرينن ۾ موجود رگڙ گهٽجي وڃي ٿو ۽ تمام گهڻي رفتار حاصل ڪرڻ ممڪن بڻجي ٿو.

رپورٽ موجب جون 2025 ۾ هن ئي تجرباتي گاڏي 7.1 سيڪنڊن ۾ لڳ ڀڳ 650 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار حاصل ڪري مختصر فاصلي ۾ تيز رفتاري جو عالمي رڪارڊ قائم ڪيو هو. ان کان پوءِ جولاءِ ۽ نومبر ۾ پڻ رفتار جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا ويا.

انهن تجربن دوران وڌيڪ طاقت واري توانائي جي فراهمي، مقناطيسي معطلي، درست پوزيشننگ، برقي مقناطيسي پروپلشن ۽ هنگامي بريڪنگ سميت جديد ٽيڪنالاجيز کي آزمايو ويو.

ماهرن موجب چند ئي سيڪنڊن ۾ ايتري تيز رفتار حاصل ڪرڻ لاءِ انتهائي طاقتور توانائي ۽ انتهائي درست ڪنٽرول سسٽم جي ضرورت هوندي آهي. مستقبل ۾ هن ٽيڪنالاجي کي تيز رفتار آمدورفت سان گڏ راڪيٽ ۽ ٻين جديد شعبن ۾ پڻ استعمال ڪرڻ جا امڪان موجود آهن.

چين اڳ ئي ميگ ليِو ٽرين ٽيڪنالاجي ۾ دنيا جي اهم ملڪن مان هڪ آهي، پر جهازن جهڙي رفتار سان مسافرن جي روزاني آمدورفت لاءِ هن ٽيڪنالاجي کي تجارتي سطح تي آڻڻ ۾ اڃا ڪيترائي فني ۽ معاشي چئلينج موجود آهن