رياض ايئر جو پاڪستان ۾ فضائي آپريشنز شروع، پهرين اڏام اسلام آباد پهچي وئي

اسلام آباد: سعودي عرب جي نئين ايئر لائن رياض ايئر پاڪستان ۾ باضابطه طور فضائي آپريشنز شروع ڪري ڇڏيا آهن. رياض ايئر جي پهرين اڏام رياض کان اسلام آباد پهچي وئي، جتي اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي جهاز کي واٽر سيلُوٽ پيش ڪري شاندار استقبال ڪيو ويو.
پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي (PAA) موجب رياض ايئر جي افتتاحي اڏام RX660 رياض کان اسلام آباد پهتي، جنهن ۾ 69 مسافر سوار هئا.
اسلام آباد ايئرپورٽ تي رياض ايئر جي پهرين اڏام جي آمد تي خاص تقريب منعقد ڪئي وئي، جتي جهاز کي روايتي واٽر سيلُوٽ پيش ڪيو ويو.
پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي موجب رياض ايئر رياض ۽ اسلام آباد وچ ۾ هفتي ۾ 7 اڏامون هلائيندي.
افتتاحي اڏام اسلام آباد پهچڻ کانپوءِ 272 مسافرن کي کڻي اسلام آباد کان رياض لاءِ رواني پڻ ٿي وئي.
رياض ايئر جي فضائي آپريشنز شروع ٿيڻ سان پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ سفر ڪندڙ مسافرن لاءِ هڪ نئون فضائي آپشن دستياب ٿي ويو آهي. ان سان گڏ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪاروباري، سياحتي ۽ عوامي رابطن ۾ پڻ وڌيڪ آساني پيدا ٿيڻ جي اميد آهي.
رياض ايئر جي پاڪستان ۾ فضائي آپريشنز شروع ڪرڻ جي موقعي تي اسلام آباد ايئرپورٽ تي هڪ خاص تقريب منعقد ڪئي وئي.
تقريب ۾ پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي شرڪت ڪئي، جڏهن ته پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل ذيشان سعيد پڻ موجود هئا.
تقريب کي خطاب ڪندي ڊي جي پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي ذيشان سعيد رياض ايئر جي پاڪستان آمد کي ڀليڪار ڪندي ان کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ فضائي رابطن لاءِ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو.
ذيشان سعيد چيو ته رياض ايئر جي پاڪستان آمد سان پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ فضائي رابطن ۾ وڌيڪ واڌ ٿيندي.
هن چيو ته رياض ايئر جي پاڪستان ۾ آپريشنز شروع ٿيڻ ٻنهي ملڪن وچ ۾ فضائي سهڪار جي حوالي سان هڪ اهم سنگِ ميل آهي.
سندس چوڻ هو ته نئين ايئر لائن جي آمد سان مسافرن کي بهتر سفري سهولتون فراهم ٿيڻ سان گڏ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ عوامي ۽ ڪاروباري رابطن کي پڻ وڌيڪ هٿي ملندي.
رياض ۽ اسلام آباد وچ ۾ روزاني اڏامن جي شروعات سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ فضائي رابطو وڌيڪ مضبوط ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي.