پنجاب ۾ ريسٽورنٽن ۽ فوڊ چينز بابت شهرين لاءِ اهم هدايتون جاري

پنجاب روينيو اٿارٽي (PRA) ريسٽورنٽن، هوٽلن، ڪافي شاپس ۽ فوڊ چينز تي ويندڙ شهرين لاءِ اهم هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي.
پنجاب روينيو اٿارٽي موجب ريسٽورنٽن ۽ هوٽلن ۾ ڪچن آرڊر، غير ادا ٿيل، پري يا عارضي بل جاري ڪرڻ تي اڳ ئي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
حڪام شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته ريسٽورنٽ، هوٽل، ڪافي شاپ يا فوڊ چينز کان خدمتون حاصل ڪندي ڊجيٽل رسيد ضرور حاصل ڪن.ترجمان پنجاب روينيو اٿارٽي موجب سمورا فوڊ چينز، ريسٽورنٽ ۽ ڪافي شاپس صارفين جي آگاهي لاءِ هي هدايتون نمايان هنڌ تي لڳائڻ جا پابند هوندا.پي آر اي موجب ڊجيٽل رسيد تي PRA انوائس نمبر ۽ PRA QR ڪوڊ موجود هجڻ لازمي آهي.
ڪام وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪو ريسٽورنٽ يا ٻيو لاڳاپيل ڪاروباري ادارو ڊجيٽل يا ڪارڊ ذريعي ادائيگي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ته شهري ان خلاف شڪايت درج ڪرائي سگهن ٿا