اسلام آباد: پاڪستانين لاءِ پرڏيهه ۾ روزگار جا بهترين موقعا سامهون اچي ويا آهن. بيورو آف اميگريشن اينڊ اوورسيز ايمپلائمنٽ موجب گڏيل قومن جي ذيلي اداري يونيسڪو ۾ پاڪستاني شهرين لاءِ مختلف عالمي نوڪرين جا موقعا موجود آهن.
يونيسڪو پاران P-1 کان P-5 ۽ ڊائريڪٽر سطح جي D-1 ۽ D-2 عهدن تي نوڪرين جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن.
تعليم، سائنس، ثقافت، انتظاميا، فنانس، انجنيئرنگ ۽ ٻين سماجي ۽ انتظامي شعبن سان لاڳاپيل اميدوار انهن موقعن مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا.
اميدوار لاءِ لاڳاپيل شعبي ۾ يونيورسٽي ڊگري، پروفيشنل قابليت ۽ عملي تجربو هجڻ ضروري قرار ڏنو ويو آهي. ان کان علاوه بهترين رابطي جي صلاحيتن سان گڏ انگريزي ۽ فرانسيسي ٻوليءَ تي عبور رکندڙ اميدوارن کي ترجيح ڏني ويندي.
منتخب اميدوارن کي عالمي سطح جي منصوبن تي ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو، جڏهن ته بنيادي پگهار سان گڏ فيملي الائونس، ٻارن جي تعليم لاءِ مالي سهائتا، سفري الائونس ۽ ٻيون سهولتون پڻ يونيسڪو جي ضابطن موجب فراهم ڪيون وينديون.
واهشمند اميدوار يونيسڪو جي آن لائن ڪيريئر پورٽل careers.unesco.org ذريعي درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا. چونڊ جي عمل دوران اميدوارن کي ٽيڪنيڪل جائزي، لکت واري ٽيسٽ ۽ انٽرويو جي مرحلن مان گذرڻو پوندو.بيورو آف اميگريشن اميدوارن کي هدايت ڪئي آهي ته ڪنهن غير رسمي ايجنٽ يا ٽئين ڌر جي پورٽل تي ڀروسو نه ڪن ۽ نوڪرين بابت معلومات جي تصديق سڌي ريت يونيسڪو جي سرڪاري ويب سائيٽ تان ڪن.اميدوارن کي پڻ مشورو ڏنو ويو آهي ته آخري تاريخ کان اڳ پنهنجا مڪمل دستاويز، جن ۾ سي وي ۽ ڪور ليٽر شامل آهن، آن لائن جمع ڪرائين.
